3 ۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي.
3 اٺين ڏينهن ڇوڪر جو طهر ڪيو وڃي.
تون پنهنجن ڏاندن ۽ پنهنجين رڍن سان بہ ائين ئي ڪج: ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي؛ ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏج.
۽ اها زال پنهنجي پاڪ ٿيڻ تائين ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي؛ ۽ جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين، تيستائين ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي پاڪ مڪان ۾ اچي.
۽ انهي پرميل جي مرض ۾ هن جي ناپاڪي هن ريت ٿيندي: يعني هن جي بدن مان ڪجهہ وهندو هجي، توڙي هن جي بدن جو وهڪرو بند هجي، تہ بہ هو ناپاڪ آهي.
۽ هيئن ٿيو جو اُهي اٺين ڏينهن ٻار جي سنت ڪرڻ آيا، ۽ سندس پيءُ زڪرياہ جو نالو ٿي رکيائونس.
۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو.
۽ ڪي ماڻهو يهوديہ مان اچي ڀائرن کي هيءَ تعليم ڏيڻ لڳا، تہ جيئن موسيٰ جي رسم آهي تيئن، جيسين اوهان جو ختنو نہ ٿيندو، تيسين اوهان کي نجات ملي نہ سگهندي.
هاڻي اسان کي خبر آهي تہ جيڪي شريعت فرمائي ٿي، سو اُنهن کي ٿي فرمائي جيڪي شريعت جي تابع آهن، انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڪُڇي نہ سگهي، ۽ سارو جهان خدا جي اڳيان سزا جو لائق ٺهرايو وڃي.
هاڻي آئون هيئن ٿو چوان، تہ جنهن عهد کي اڳيئي خدا پڪو ڪيو، تنهن کي شريعت، جا چار سؤ ٽيهن ورهين کانپوءِ آئي، سا رد ڪري نٿي سگهي تہ اُهو واعدو بي اثر ٿي وڃي.
آئون سڀ ڪنهن ختني ٿيل ماڻهوءَ تي وري بہ شاهدي ٿو ڏيان، تہ اُهو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻَڌل آهي.
۽ خداوند تنهنجو خدا تنهنجيءَ، ۽ تنهنجي اولاد جي دل جو ختنو ڪندو، انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل سان، ۽ پنهنجي ساريءَ جان سان پيار ڪرين، ۽ جيئرو رهين.
جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛
۽ انهي ۾ اوهان جو اهڙو ختنو بہ ٿيو جو هٿن سان نہ ٿيندو آهي يعني مسيح جو ختنو، جنهنڪري اوهان تان جسم لاٿو ويو،