Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:8 - Sindhi Bible

8 انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 انهن جانورن جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


هو خداوند جي ملڪ ۾ نہ رهندا، پر افرائيم موٽي مصر ۾ ويندو، ۽ هو اسور ۾ ناپاڪ کاڌو کائيندا.


۽ سوئر، ڇالاءِ جو انهي جا کر چيريل آهن ۽ پير ٻہ ڦاڪا اٿس، پر هو اوڳاري نٿو، تنهنڪري اهو اوهان جي لاءِ حرام آهي.


۽ پاڻيءَ جي ساهوارن مان جيڪي اوهان کي کائڻ روا آهن سي هي آهن: پاڻيءَ ۾ رهڻ وارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلر آهن، سي اوهين کائجو، پوءِ اهي سمنڊن ۾ هجن توڙي ندين ۾ هجن.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ مرونءَ جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو مڙهہ هجي، تہ بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.


جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.


اهي ئي شيون آهن جي انسان کي پليت ٿيون ڪن: پر اڻ ڌوتل هٿن سان کائڻ ماڻهو کي پليت نٿو ڪري.


ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ گهڙي هن کي پليت ڪري نٿي سگهي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندران ٻاهر ٿيون نڪرن، اُهي ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.


تنهن تي هنن کي چيائين، تہ اوهين بہ اهڙا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ خبر نٿي پويوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو، سو هن کي پليت ڪري نٿو سگهي.


۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين.


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.


تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.


چڱو ائين آهي تہ تون نہ گوشت کاءُ، نہ شراب پيءُ، نڪي ڪو اهڙو ڪم ڪر جنهن جي ڪري تنهنجو ڀاءُ گمراهہ ٿئي.


پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو.


تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛


۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛


تنهنڪري اوهين انهن جا شريڪ نہ ٿيو؛


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ