Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:45 - Sindhi Bible

45 ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 آءٌ خداوند ئي آهيان جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي اوهان جو خدا هجان. تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاڪ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:45
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن،


۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


تون پنهنجن ڏاندن ۽ پنهنجين رڍن سان بہ ائين ئي ڪج: ست ڏينهن اهو ٻچو پنهنجيءَ ماءُ سان هجي؛ ۽ اٺين ڏينهن اهو مون کي ڏج.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


اهو آهي قاعدو جو جانورن، ۽ پکين، ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن، ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت آهي:


تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


اوهين پاڻ وٽ پوريون ساهميون، پورا وٽ، پورو ايفہ ۽ پورو هين رکجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا ٿيان.


پر آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ڪيل عهد ياد ڪندس، جن کي مون قومن جي ڏسندي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ آءٌ سندن خدا ٿيان: آءٌ خداوند آهيان.


پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو:


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.


تڏهن يشوع انهن ماڻهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگهندا؛ ڇالاءِ جو هو پاڪ خدا آهي؛ هو غيرت وارو خدا آهي؛ هو اوهان جون خطائون ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.


هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آئون پاڪ آهيان.“


خداوند جهڙو ٻيو ڪوبہ پاڪ ڪونهي، ڇالاءِ جو تو کانسواءِ ٻيو آهي ئي ڪونہ: ۽ اسان جي خدا جهڙي ٻي ڪا پناهہ ڪانهي.


۽ بيت شمس جي ماڻهن چيو تہ ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي اڳيان بيهي سگهندو؟ ۽ اسان وٽان اهو ڪنهن وٽ ويندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ