Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:42 - Sindhi Bible

42 جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو هلي، يا جيڪو چئن يا گهڻن پيرن تي ٿو هلي، يا جنهن کي گهڻا پير آهن، مطلب تہ سڀ سرندڙ جيت، جي زمين تي سرن ٿا، سي اوهين نہ کائجو؛ ڇالاءِ جو اهي مڪروهہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 انهن مان جيڪو بہ جيت پيٽ ڀر ٿو رڙهي يا جنهن کي چار يا چئن کان وڌيڪ پير آهن سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ مڪروهہ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:42
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن.


خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.


۽ سڀ ڪو سرندڙ جيت، جو زمين تي سري ٿو، سو مڪروهہ آهي ۽ کائڻ روا نہ آهي.


جيڪي بہ سرندڙ جيت سري ٿا هلن، تن سان اوهين پاڻ کي مڪروهہ نہ ڪجو، متان اوهين پليت ٿي پئو.


هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون.


پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي ٺڳيو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جون دليون بہ انهيءَ سادگيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن، جا مسيح سان هئڻ گهرجي.


انهن مان هڪڙو، جو سندن نبي هو، تنهن چيو آهي تہ ڪريتي جا ماڻهو هميشہ ڪوڙا، جهنگلي جانورن جهڙا ۽ سست پيٽوري آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ