Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:35 - Sindhi Bible

35 ۽ جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهن جو ڪو ڀاڱو پوندو، سا ناپاڪ ٿيندي؛ پوءِ جي اهو تنور هجي، توڙي ديڳڙن جا چلها هجن، تہ اهي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏجن: اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ ناپاڪ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 جنهن بہ شيءِ تي انهن جي مڙهہ جو ڪو حصو ڪري تہ اها ناپاڪ ٿيندي، پوءِ اهو تنور هجي يا چلهو، انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. اهي ناپاڪ آهن ۽ اوهان جي لاءِ بہ ناپاڪ رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:35
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جبلن جي قطار هن جي چاري جي جاءِ آهي، ۽ هو هر قسم جي سائي شيءِ جي ڳولا ڪري ٿو.


۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ انهن مان ڪي ڪرندو تہ انهي ۾ جيڪي بہ پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ انهي ٿانو کي ڀڃي ڇڏجو.


۽ انهي ۾ جيڪو کائڻ جهڙو کاڌو هوندو، جنهن ۾ پاڻي پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو: ۽ اهڙي ٿانو ۾ جيڪو پيئڻ جهڙو پاڻي هوندو سو ناپاڪ ٿيندو.


انهي هوندي بہ ڪو چشمو يا تلاءُ جنهن ۾ گهڻو پاڻي هجي، سي پاڪ رهندا: پر جيڪو اُنهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو.


۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، پشم جو هجي يا سڻيءَ جو، يا چم مان جڙيل ڪا شيءِ هجي، جنهن تي بہ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي هو باهہ ۾ ساڙي ڇڏي: ڇالاءِ جو اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.


۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو کي پرميل وارو ماڻهو ڇهندو، سو ڀڃي ڇڏبو: ۽ سڀ ڪو ڪاٺ جو ٿانو پاڻيءَ ۾ ڌوئبو.


پر جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، سو ٿانو ڀڃي ڇڏجي: پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، تہ انهي ٿانو کي ملي ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ