Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:32 - Sindhi Bible

32 ۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا سا ناپاڪ ٿيندي، پوءِ کڻي اها ڪاٺ جي هجي يا ڪپڙي جي، کل جي هجي يا کٿي جي، مطلب تہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙي بہ شيءِ هجي انهيءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. شام تائين اها ناپاڪ رهندي، پوءِ پاڪ ٿي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو:


انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو کي پرميل وارو ماڻهو ڇهندو، سو ڀڃي ڇڏبو: ۽ سڀ ڪو ڪاٺ جو ٿانو پاڻيءَ ۾ ڌوئبو.


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.


۽ جيڪو ماڻهو عزازيل جي لاءِ ٻڪر کي ڇڏڻ وڃي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي.


۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.


پر جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، سو ٿانو ڀڃي ڇڏجي: پر جيڪڏهن ڪنهن پتل جي ٿانو ۾ اهو رڌجي، تہ انهي ٿانو کي ملي ۽ پاڻيءَ سان ڌوئي صفا ڪجي.


۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو.


پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ