31 سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو:
31 جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن.
چچي، واڳون، سانڊو، ريگماهي ۽ گرگٽان.
۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.
انهي جو گوشت اوهين نہ کائجو، نڪي انهن جي مڙهن کي هٿ لائجو؛ اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن.
انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.
۽ جيڪو ماڻهو عزازيل جي لاءِ ٻڪر کي ڇڏڻ وڃي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي.
۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.
تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.
پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.