28 ۽ جيڪو انهن جي مڙهہ کي کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ اُهو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
۽ جيڪي جانور چئن پيرن تي هلن ٿا، تن سڀني مان جيڪي پنهنجن چنبن تي ٿا هلن، سي اوهان جي لاءِ حرام آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ سرندڙ جيتن مان، جيڪي زمين تي سرندا آهن، تن مان جيڪي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: سي هي آهن؛ نور، ڪوئو، ۽ ڳوهہ جا سڀ قسم،
انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.
۽ جيڪو ماڻهو عزازيل جي لاءِ ٻڪر کي ڇڏڻ وڃي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي.
۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.
تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.
پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.