Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 11:27 - Sindhi Bible

27 ۽ جيڪي جانور چئن پيرن تي هلن ٿا، تن سڀني مان جيڪي پنهنجن چنبن تي ٿا هلن، سي اوهان جي لاءِ حرام آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 11:27
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي کنڀن وارا سرندڙ جيت آهن، جي چئن پيرن تي ٿا هلن، سي سڀ اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.


پر ٻيا سڀ کنڀن وارا جيت جن کي چار پير آهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.


سڀ ڪو جانور جن جا کر چيريل آهن، پر پير ڦاٽل نہ اٿس، ۽ نڪي اوڳاري ٿو، سو اوهان جي لاءِ حرام آهي: جيڪو انهن کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو.


۽ جيڪو انهن جي مڙهہ کي کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ اُهو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.


انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.


۽ جيڪو ماڻهو عزازيل جي لاءِ ٻڪر کي ڇڏڻ وڃي، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي.


۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.


پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ