۽ وري ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ٿورو جهڪو ٿيو هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي ماڻهوءَ کي پاڪ ٺهرائي: اها ڏڍ آهي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.
تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.
انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.