22 يعني مڪڙن جا سڀ قسم، ۽ ننڍڙين تڏين جا سڀ قسم، ۽ وڏن تڏن جا سڀ قسم.
22 يعني مڪڙن ۽ تڏين جا سمورا قسم.
اوهين ڪمزور هٿن کي زور وارا ڪريو، ۽ نستا گوڏا مضبوط ڪريو.
انهي هوندي بہ کنڀن وارن جيتن مان، جيڪي چئن پيرن تي هلن ٿا ۽ جن کي پيرن جي مٿان ٽنگون آهن، جن جي وسيلي هو زمين تي ٽپن ٿا، تن مان هي اوهين کائجو:
پر ٻيا سڀ کنڀن وارا جيت جن کي چار پير آهن، سي اوهان جي لاءِ مڪروهہ آهن.
هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.
۽ يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ تي ٻَڌل هوس، ۽ هو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي کائيندو هو.
جنهن جو ايمان ڪمزور آهي تنهن کي پاڻ وٽ وٺي اچو، پر اجايو بحث ڪرڻ جي لاءِ نہ.
هاڻي اسين جي مضبوط آهيون، تن کي گهرجي تہ هيڻن جون ڪمزوريون برداشت ڪريون، ۽ نہ پاڻ کي خوش ڪريون.
انهي بابت اسان کي گهڻيون ڳالهيون چوڻيون آهن؛ جن جي سمجهاڻي ڏيڻ مشڪل آهي، ڇالاءِ جو اوهين ڪَنن کان گهٻرا ٿيا آهيو.