اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.
ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.
پر هي ماڻهو تہ انهن سڀني ڳالهين تي ڦٽڪار ٿا هڻن، جن جي کين ڪابہ خبر ڪانهي؛ ۽ جن ڳالهين کي هو بي عقل جانورن وانگر طبعي ٿا سمجهن، تن ۾ هو پاڻ کي خراب ٿا ڪن.