15 سڀني قسمن جا ڪانگ؛
۽ هڪڙو ڪانءُ اُڏايائين، جو زمين تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي آيو ويو.
۽ هيئن ٿيندو تہ تون انهيءَ نهر مان پاڻي پيئندين؛ ۽ مون ڪانگن کي حڪم ڏنو آهي تہ اُتي توکي کاڌو کارائين.
۽ ڪانگ صبح جو هن کي ماني ۽ گوشت، ۽ شام جو بہ ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا؛ ۽ هو نهر مان پاڻي پيئندو هو.
جا اک پنهنجي پيءُ تي ٺٺولي ڪري ٿي، ۽ پنهنجي ماءُ جي فرمانبرداري ڪرڻ کي پسند نٿي ڪري، تنهن کي واديءَ جا ڪانگ ٺونگا هڻي پٽي ويندا، ۽ ڳجهہ جا ٻچا کائي ويندا.
سرڻ، ۽ شِڪرن جا سڀ قسم؛
شترمرغ، رات شِڪرو، بحري باز، ۽ بازن جا سڀ قسم؛
ڪانوَن کي جاچي ڏسو، تہ نڪي پوکين نڪي لُڻن، انهن کي نہ ڪوٺي آهي نہ ڀانڊو، تڏهن بہ خدا اُنهن کي کارائي ٿو: پوءِ اوهين پکين کان ڪيترو نہ وڌيڪ آهيو!