Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:7 - Sindhi Bible

7 پر اوهين جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو: ڇالاءِ جو خداوند جو مسح ڪرڻ جو تيل اوهان تي لڳل آهي. سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 مگر اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃو، متان اوهين مري وڃو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو مسح ڪرڻ وارو تيل اوهان تي لڳل آهي.“ سو هنن موسيٰ جي چوڻ موجب عمل ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.


پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.


۽ خداوند هارون کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ هو پاڪ مڪان کان ٻاهر نہ نڪري، نڪي پنهنجي خدا جي پاڪ مڪان جي بي حرمتي ڪري؛ ڇالاءِ جو هن تي سندس خدا جي مسح ڪرڻ واري تيل جو تاج آهي: آءٌ خداوند آهيان.


۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.


پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.


پر هن چيس، تہ ڇڏ تہ مڙدا پنهنجن مڙدن کي دفن ڪن، پر تون وڃي خدا جي بادشاهت جي خبر ماڻهن کي ٻڌاءِ.


تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.


هاڻي جيڪو اسان کي اوهان سان گڏ مسيح ۾ قائم ٿو ڪري، ۽ جنهن اسان کي مسح ڪيو سو خدا آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ