Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:6 - Sindhi Bible

6 ۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:6
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي ڪاوڙ وري بہ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ انهيءَ دائود کي انهن جي برخلاف چوريو، ۽ چيائينس تہ وڃي اسرائيل ۽ يهوداہ جو شمار ڪر.


بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهين ضدي ماڻهو آهيو؛ جيڪڏهن آءٌ هڪڙو لحظو اوهان سان گڏ هلندس تہ آءٌ اوهان کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. تنهنڪري اوهين پنهنجا سڀ زيور لاهيو، پوءِ آءٌ ڏسندس تہ ڇا ڪريان.


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


اي يروشلم پنهنجا وار وڍي اُڇلائي ڇڏ، ۽ اُگهاڙين ٽڪرين تي زاري ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن پيڙهيءَ تي خداوند جي ڪاوڙ آهي تنهن کي هن رد ڪري ڇڏي ڏنو آهي،


جنهن ڪوڙهئي کي اهڙو مرض هجي، سو ڦاٽل ڪپڙا پائي، ۽ مٿي اُگهاڙو گهمي، ۽ پنهنجو مٿيون چپ ڍڪي ڇڏي، ۽ وڏي سڏ چوي، تہ ناپاڪ، ناپاڪ.


پاڻ کي گنجو ڪر، ۽ پنهنجي پيارن ٻارن لاءِ پنهنجا وار ڪَتر: ڳجهہ وانگي پنهنجي گنجاڻ وڌاءِ، ڇالاءِ جو هو تو وٽان قيد ٿي ويا آهن.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا:


تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟


۽ اوهين پاڪ مڪان جي ۽ قربانگاهہ جي حفاظت ڪجو: تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي غضب نازل نہ ٿئي.


سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان وٺي هور جبل تي آڻ:


پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛


جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ بابت چيو، تہ مون انهن کي نہ ڏٺو آهي؛ نڪي هن پنهنجن ڀائرن کي قبول ڪيو، نڪي هن خود پنهنجن ٻارن کي سڃاتو: ڇالاءِ جو انهن تنهنجي ڪلام تي عمل ڪيو آهي، ۽ اهي تنهنجي عهد کي مڃين ٿا.


جو اوهين اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ٿا موڙيو؟ ۽ هيئن ٿيندو تہ اڄ خداوند کان باغي ٿيڻ ڪري، سڀاڻي هو اسرائيل جي سڄي جماعت تي ڪاوڙبو.


زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو.


بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


اسرائيل گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪو عهد اقرار مون هنن سان ڪيو هو سو بہ ڀڳو اٿن: ڇالاءِ جو هنن لعنت ڪيل شين مان بہ ڪا کنئي آهي، ۽ چوري، ٺڳي بہ ڪئي اٿن: ۽ اُها شيءِ کڻي پنهنجي سامان ۾ رکي اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ