Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:15 - Sindhi Bible

15 مٿي کنيل ران ۽ لوڏيل سينو باهہ سان ساڙڻ وارين قربانين جي چرٻيءَ سان گڏ آندو وڃي، تہ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏيا وڃن: اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ توسان گڏ تنهنجي پٽن جو حق ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ساڙيون ويندڙ قربانين جي چرٻيءَ ساڙڻ وقت اها ران ۽ اهو سينو آندا وڃن، تہ جيئن اهي خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪرڻ جي قربانيءَ طور پيش ڪيا وڃن. اهو هميشہ جي لاءِ تنهنجو ۽ تنهنجي اولاد جو حق ٿيندو، جيئن خداوند فرمايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:15
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس.


سڀ ڪو مرد جو تنهنجي گهر ۾ ڄاول هجي، يا پئسن تي خريد ڪيل هجي، تنهن جو ختنو ڪيو وڃي: منهنجو عهد اوهان جي جسم ۾ ابدي عهد ٿيندو.


تڏهن ابرهام جهڪي سجدو ڪيو ۽ کلي دل ۾ چيائين تہ جنهن ماڻهو جي عمر سؤ ورهيہ آهي، تنهن مان ڪو ٻار پيدا ٿيندو، ۽ سارہ جا نوي ورهين جي آهي، سا ڪو ٻار ڄڻيندي؟


آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو، جيڪو قربانيءَ لاءِ لوڏيو وڃي، ۽ کڻڻ واري قربانيءَ جي دستي، جيڪا مٿي کنئي وڃي، تن کي مخصوص ڪج.


اهي هارون ۽ سندس پٽن لاءِ، بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ، سندن حق ٿيندو؛ ڇالاءِ جو اها کڻڻ واري قرباني آهي، ۽ بني اسرائيل جي طرفان سندن سلامتيءَ جي قربانين مان، خداوند جي لاءِ چاڙهيل آهي.


۽ انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي، سو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو: جيڪي قربانيون خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيون وڃن، تن مان هيءَ تمام پاڪ آهي.


۽ اهو اوهان جي رهڻ جي سڀني جاين ۾، ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾، هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو، تہ اوهين چرٻي ۽ رت هرگز نہ کائو.


ڇالاءِ جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان، لوڏيل سينو ۽ مٿي کنيل ران، هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن، ۽ اهو هنن جو حق بني اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ رهندو.


۽ بني اسرائيل جيڪي شيون مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، تن مان هر ڪا کڻڻ واري قرباني انهي جي ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ