Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:12 - Sindhi Bible

12 پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس باقي بچيل ٻن پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ مان جيڪا اناج جي قرباني بچي آهي، سا کڻي بنا خمير جي پچائي قربان‌گاهہ جي ڀرسان وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:12
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ قوري بن يمنہ لاوي، جو اُڀرندي واري در جو دربان هو، سو خدا جي خوشيءَ وارين قربانين تي مقرر هو ۽ خداوند جي نذرانن ۽ تمام پاڪ شين جي ورهائڻ وارو هو.


بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:


۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،


۽ جن شين سان ڪفارو ڪيو وڃي سي هو کائين، انهي لاءِ تہ مخصوص ۽ پاڪ ٿين. پر ڪو ڌاريو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن.


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


هو کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني کائيندا؛ ۽ اسرائيل ۾ سڀڪا وقف ڪيل شئي هنن جي ٿيندي.


۽ اها اوهين ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ کائجو، ڇو تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان اهو تنهنجو ۽ تنهنجي پٽن جو حق آهي: ۽ مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.


هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.


۽ اهي مانيون هارون ۽ سندس پٽن جون ٿينديون، ۽ هو اهي ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ ويهي کائين؛ ڇالاءِ جو اهو هميشہ جي قانون موجب، خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانين مان هن جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


۽ سڀ ڪا کاڌي جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تيل ۾ تريل، يا تئي تي پڪل هوندي، سا انهي ڪاهن جي ٿيندي جو انهيءَ کي پيش ڪندو.


۽ هارون جي پٽن جا نالا هي آهن: ندب جيڪو پهريتو هو، ۽ ابيهو، ۽ اليعزر، ۽ اتمر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ