Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 10:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ هارون جي پٽن مان ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي ٽانڊا رکيا، انهن جي مٿان لوبان وڌائون ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي غير شرعي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 10:1
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند جي باهہ لهي آئي ۽ سوختني قرباني، ۽ ڪاٺين، ۽ پٿرن، ۽ مٽيءَ کي ساڙي ويئي، ۽ جيڪو پاڻي کڏ ۾ هو تنهن کي بہ چٽي ويئي.


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.


پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.


پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.


۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.


۽ تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ اُهي، يعني هارون، ۽ سندس پٽ ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر، منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ پاڪ مڪان لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان: اهي سڀ، جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن هو تيار ڪن.


۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.


۽ هن قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، يعني رک کڻڻ جا ٿانو، ڪوڏاريون، ٿالهہ، گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙيا: اهي سڀ ٿانو هن پتل جا جوڙيا.


۽ انهيءَ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


هارون اليسبع سان شادي ڪئي، جا نحون جي ڀيڻ ۽ عميناداب جي ڌيءَ هئي؛ انهيءَ مان ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر پيدا ٿيا.


اسين ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وينداسين ۽ اتي، جيئن خداوند اسان جو خدا اسان کي حڪم ڏيندو، تيئن سندس لاءِ قرباني چاڙهينداسين.


۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:


۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.


تڏهن جن ماڻهن کي خبر هئي تہ سندن زالون ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون آهن تن، ۽ اُهي سڀ زالون جي سندس پاسي ۾ بيٺيون هيون، تن سڀني هڪڙي وڏي جماعت ڪري، يعني سڀيئي ماڻهو جي مصر جي زمين ۾، فتروس منجهہ رهندا هئا، تن يرمياہ کي ورندي ڏئي چيو، تہ


جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟


۽ هنن توفت، جو هنوم جي پٽ جي واديءَ ۾ آهي، تنهن تي مٿانهان مڪان اڏيا آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئن کي باهہ ۾ ساڙين؛ پر مون اهڙو حڪم نہ ڪيو، ۽ نہ اهڙي ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي.


جڏهن هارون جا ٻہ پٽ خداوند جي حضور ۾ ويجهو آيا ۽ مري ويا، تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو،


پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي:


تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي.


پر ندب ۽ ابيهو تہ انهي ڏينهن مري ويا، جنهن ڏينهن انهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي.


اوهين بني قهات جي خاندان واري قبيلي کي، لاوين مان تباهہ ٿيڻ نہ ڏيو:


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.


۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪئي هجيس، يعني سج کي، يا چنڊ کي، يا خدا جي ساري خلقت مان ڪنهن کي سجدو ڪيو هجيس، جنهن جون مون حڪم نہ ڏنو آهي؛


جيڪو حڪم آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو تنهن ۾ ڪجهہ بہ نہ وڌائجو، نڪي انهي مان ڪجهہ گهٽائجو، انهي لاءِ تہ خداوند اوهان جي خدا جا حڪم جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو، سي مڃيندا رهو.


انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ