Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 1:9 - Sindhi Bible

9 ۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 1:9
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.


بن القانہ، بن يروحام، بن الي ايل، بن توح؛


هن ڏهہ چلمچيون بہ جوڙيون، پنج سڄي هٿ پاسي رکيائين، ۽ پنج کٻي هٿ پاسي، تہ انهن ۾ ڌوئڻ جو ڪم ٿئي، جيڪي شيون سوختني قربانيءَ سان واسطو رکنديون هيون، سي انهن ۾ ڌوپنديون هيون: پر خود اهو حوض ڪاهنن جي ڌوئڻ لاءِ هو.


ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.


آءٌ تنهنجي حضور ۾ متارن جانورن جون سوختني قربانيون، گهٽن جي خوشبوءِ سان گڏي چاڙهيندس؛ آءٌ ڍڳا ۽ ٻڪر پيش ڪندس.


اوهين انهيءَ مان ڪي بہ ڪچو، يا پاڻيءَ ۾ ٻاڦي نہ کائجو، پر انهيءَ جي منڍي، پاون ۽ آنڊن سميت باهہ تي پچائي کائجو.


۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي.


پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙج: اها هڪڙي چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.


جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.


۽ درن وٽ ٿنڀن جي پاسي ۾ هڪڙي ڪوٺي در سان هئي؛ اُتي هو سوختني قرباني ڌوئندا هئا.


پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي کي پرن کان وٺي ڦاڙي، پر ڇني ڌار نہ ڪري: پوءِ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ واريءَ باهہ تي، جيڪي ڪاٺيون رکيل هجن تن جي مٿان رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ مان ڪجهہ سڻڀو اَن، ۽ ڪجهہ تيل، ۽ سمورو لوبان ڪڍي، يادگيريءَ لاءِ ساڙي: اها خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، تن وٽ اهو کڻي اچي: ۽ ڪاهن انهي تيل گڏيل ميدي مان، ساري لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري ڪڍي، پوءِ اهو انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان ڪجهہ ڪڍي، انهي جي يادگيريءَ لاءِ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.


پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوتا؛ ۽ موسيٰ سڄو گهٽو قربانگاهہ تي رکي ساڙيو: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني هئي: جا باهہ سان ساڙبي آهي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پوءِ موسيٰ اهي سڀ هنن جي هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيون: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي مخصوصيت هئي، جا باهہ ۾ ساڙبي آهي.


پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا ڌوتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛


۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛


۽ پيئڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙي گهيٽي جي پٺيان مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: ۽ تون پاڪ مڪان ۾ تيز مئي جي پيئڻ واري قرباني، خداوند جي حضور ۾ اوتج.


ٻيو گهيٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج: انهي سان گڏ بہ تون کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج، تہ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


ڇالاءِ جو جن کي نجات ٿي ملي ۽ جيڪي چٽ ٿا ٿين، تن ٻنهي جي لاءِ اسين خدا جي حضور ۾ مسيح جي خوشبوءِ آهيون.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


اتي تون پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪج، انهن جو گوشت ۽ انهن جو رت، قربانگاهہ تي چاڙهج: ۽ تنهنجين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي اوتبو، ۽ گوشت تون کائج.


پر مون وٽ سڀ ڪجهہ موجود آهي ۽ ججهو ئي اٿم؛ اوهان جون موڪليل شيون اپفروديتس جي هٿان مون کي مليون، جنهنڪري آئون بلڪل آسودو ٿيو آهيان، اها خوشبوءِ ۽ وڻندڙ قرباني خدا وٽ قبول پوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ