6 پوءِ هو انهيءَ سوختني قربانيءَ جي کل لاهي، ۽ انهيءَ کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري.
6 ان بعد قرباني ڪندڙ انهيءَ ساڙڻ واري قربانيءَ جي کل لاهي ۽ انهيءَ جا عضوا وڍي ڌار ڪري.
۽ خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ چم جا ڪپڙا ٺاهي کين پهرايا.
پوءِ هن ڪاٺيون ٺاهي رکيون، ۽ ڍڳي کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري اُنهن ڪاٺين تي رکيائين. پوءِ چيائين تہ چار مٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ اُهي سوختني قربانيءَ تي، ۽ ڪاٺين تي هاري وجهو.
۽ ان جي اندران هڪ هٿ جي موڪرائي جيڏا ڊگها ڪُنڍا چوڌاري ٻڌل هئا: ۽ ميزن تي قرباني جو گوشت رکيل هو.
پوءِ هارون ڪاهن جا پٽ، قربانگاهہ تي باهہ رکن، ۽ باهہ جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکن؛
تون انهيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري مٿس تيل اوتج: اها کاڌي جي قرباني آهي.
جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهو جي سوختني قرباني چاڙهي، سو ئي پنهنجي چاڙهيل سوختني قربانيءَ جي کل پاڻ کڻي.