Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 1:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ هو انهيءَ وهڙي کي اتي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. هارون جا پٽ جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو رت کڻي انهيءَ قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي، جيڪا مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ در وٽ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 1:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن فسح جون قربانيون ذبح ڪيون، ۽ ڪاهنن انهن جي هٿان رت وٺي ڇاٽاريو، ۽ لاوين انهن جون کلون لاٿيون.


پوءِ تون اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ذبح ڪج.


پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جو رت کڻي قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽارج.


۽ تون جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جي در جي اڳيان، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ رکج.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو قربانگاهہ جوڙيندا، تنهن ڏينهن ان جا قانون هي ٿيندا، ۽ انهي لاءِ تہ انهي تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ انهي تي رت ڇاٽارين.


۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي آڻي، انهي جي سسي مروٽي ڇڏي، ۽ پوءِ انهي کي قربانگاهہ تي ساڙي؛ ۽ انهي جو رت قربانگاهہ جي پاسي تي وهائي ڇڏي:


تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.


ڇالاءِ جو بدن جي زندگي رت ۾ آهي: ۽ اها مون اوهان کي قربانگاهہ تي ڏني آهي، تہ اوهان جي روحن جي لاءِ ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو اهو رت ئي آهي، جنهن جي ڪري زندگيءَ جو ڪفارو ٿو ٿئي.


۽ هو انهي جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبو جي سامهون انهيءَ کي ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ هو انهي گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.


۽ هو انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.


۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟


پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي.


۽ سڀڪو ڪاهن تہ روز بروز بيهي عبادت ٿو ڪري، ۽ اُهي ئي ساڳيون قربانيون وري وري پيو چاڙهي، جي ڪڏهن بہ گناهن کي مٽائي نہ ٿيون سگهن:


۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري.


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


۽ هنن هڪڙو ڍڳو ذبح ڪيو، ۽ ٻار کي عيليءَ وٽ آندائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ