Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 1:3 - Sindhi Bible

3 جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 1:3
79 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ پنهنجي پٺيان هڪڙو گهيٽو ڏٺائين جنهن جا سڱ هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ اٽڪيل هئا تڏهن ابرهام وڃي اهو گهيٽو آندو ۽ پنهنجي پٽ جي بدران انهيءَ جي سوختني قرباني ڪيائين.


تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.


تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا.


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ سڀني پاڪ جانورن ۽ سڀني پاڪ پکين مان ڪي قربانگاهہ تي آڻي قرباني چاڙهيائين.


۽ جيڪي سوختني قربانيون جماعت آنديون سي شمار ۾ ستر ڍڳا، هڪ سؤ گهٽا، ۽ ٻہ سؤ گهيٽا هئا: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قرباني واسطي هئا.


۽ هنن سوختني قربانيون کنيون، انهيءَ لاءِ تہ اهي بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جي حصن موجب هنن کي ڏئي ڇڏين، تہ خداوند جي لاءِ پيش ڪن، جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. ۽ ڏاندن سان بہ هنن ائين ڪيو.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


اي منهنجا خدا، تنهنجيءَ مرضيءَ موجب هلڻ تي آءٌ ڏاڍو خوش آهيان؛ هاڻي تنهنجي شريعت منهنجيءَ دل جي اندر آهي.


اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون.


۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي.


۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج.


اها اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني ٿيندي، جا خداوند جي حضور ۾، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ چاڙهي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان گڏبس، ۽ توسان ڳالهائيندس.


۽ ٻئي ڏينهن، اُهي صبح جو سوير اُٿيا، ۽ سوختنيون قربانيون چاڙهيائون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائون؛ پوءِ ماڻهو ويهي کائڻ پيئڻ، ۽ اُٿي رانديون ڪرڻ لڳا.


۽ انهن مان جن جي دلين ۾ جوش جاڳيو، ۽ جن جو روح راضي ٿيو، سي جماعت واري تنبوءَ جي ڪم لاءِ، ۽ انهي جي هر ڪنهن قسم جي خدمت لاءِ، ۽ پاڪ ڪپڙن لاءِ، خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا.


يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


اوهين خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو، جيڪو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان ڏيڻ چاهي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي؛ سون، چاندي، پتل؛


۽ جيڪي نذرانا، بني اسرائيل عبادتگاهہ جي خدمت جي ڪم لاءِ آندا هئا، سي سڀ انهن کي ڏنائين، انهي لاءِ تہ هو انهن مان اهي ڪم پورا ڪن. ۽ ماڻهو اڃا بہ هر روز صبح جو نذرانا آڻيندا رهيا.


۽ هن سوختني قربانيءَ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙي؛ انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ هئي، ۽ اها چورس هئي، ۽ انهيءَ جي اوچائي ٽي هٿ هئي.


خداوند فرمائي ٿو تہ اوهان جون هيتريون گهڻيون قربانيون منهنجي لاءِ ڪهڙي ڪم جون آهن؟ آءٌ گهيٽن جي ساڙڻ وارين قربانين سان ۽ پاليل جانورن جي چرٻيءَ سان ڀريو پيو آهيان؛ ۽ مون کي ڍڳن يا گهيٽن يا ٻڪرن جي رت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس.


۽ در جي اڳ واري ايوان ۾ ٻہ ميزون هِن پاسي رکيل هيون، ۽ ٻہ ميزون هُن پاسي، جن تي سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني ذبح ٿيندي هئي.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.


پوءِ هو ٻہ ٻڪر جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي.


۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو:


۽ تون انهن کي چئُہ تہ اسرائيل جي گهراڻي مان، يا جيڪي پرديسي انهن ۾ رهن ٿا، تن مان جيڪو بہ ماڻهو سوختني يا ٻي ڪا قرباني پيش ڪري،


۽ اُها جماعت واري تنبو جي در وٽ آڻي خداوند جي لاءِ نٿو چاڙهي؛ اُهو ماڻهو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ جنهن ڏينهن اهو گڏو لوڏيو وڃي، تنهن ڏينهن اوهين خداوند جي لاءِ هڪڙو يڪسالو بي عيب گهيٽو، سوختني قربانيءَ جي لاءِ پيش ڪجو.


۽ اوهين انهيءَ مانيءَ سان گڏ ست يڪسالا بي عيب گهٽا، هڪڙو وهڙو، ۽ ٻہ گهيٽا پيش ڪجو: اهي کاڌي جي قربانيءَ ۽ پيئڻ جي قربانيءَ سان گڏ، خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هجن، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري.


۽ جماعت جا بزرگ خداوند جي حضور ۾ انهي وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن: ۽ پوءِ اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪيو وڃي.


تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ جي لاءِ هڪڙو نر ٻڪر آڻي، جو بي عيب هجي؛


۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن هو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ گهيٽن مان آڻي، تہ بي عيب مادي آڻي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خداوند جي پاڪ شين جي بابت ڀل مان ڪو قصور يا گناهہ ڪري؛ تہ هو پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو، خداوند جي حضور ۾ آڻي، جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب، پاڪ مڪان جي مشقالن جهڙو چانديءَ جو مشقال هجي، اها گناهہ جي قرباني آهي:


۽ هو ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي جنهن جي قيمت تنهنجي انداز موجب هجي، ۽ اهو خطا جي قربانيءَ طور ڪاهن وٽ وٺي اچي؛ ۽ جنهن ڳالهہ ۾ هن ڀل مان خطا ڪئي هجي، تنهن جي بابت ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهہ ڪري، ۽ خداوند جي برخلاف هي قصور ڪري، يعني ڪنهن امانت ۾، يا سودي ۾ پنهنجي پاڙيسري سان ڪپت ڪري، يا انهي جي ڪا شيءِ ڦري وٺي، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪو ظلم ڪري؛


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


پر جيڪڏهن هن جي قرباني ڪنهن مڃت، يا خاص خوشيءَ جي قرباني هجي، تہ اها بہ انهيءَ ڏينهن کائڻ ۾ اچي جنهن ڏينهن اها پيش ڪئي وڃي: پر جيڪڏهن انهيءَ مان ڪجهہ باقي بچي، تہ اهو ٻئي ڏينهن صبح جو کائجي:


پوءِ هن سوختني قربانيءَ جو گهٽو آڻي پيش ڪيو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.


پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوتا؛ ۽ موسيٰ سڄو گهٽو قربانگاهہ تي رکي ساڙيو: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني هئي: جا باهہ سان ساڙبي آهي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ترار منهنجي ريڍار جي، يعني انهيءَ انسان جي، جو منهنجو رفيق آهي، تنهن جي برخلاف اُٿ، ۽ ريڍار کي ڌڪ هڻ، تہ رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وڃن: ۽ آءٌ ننڍن تي بہ هٿ هلائيندس.


پر لعنت آهي اُنهيءَ دغاباز تي، جنهن جي گلي ۾ نر هوندي بہ هو خداوند جي لاءِ عيب واري جانور جي مڃت مڃي اُها قربان ٿو ڪري: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان، ۽ منهنجو نالو قومن ۾ مهيب آهي.


۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛


۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين،


جنهن شريعت جو خداوند حڪم ڏنو آهي تنهن جو قانون هي آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ هو تو وٽ هڪڙي بي عيب ڳاڙهي گابي وٺي اچن، جنهن تي ڪو داغ يا چٽو نہ هجي، ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ ڪا پاڃاري ڪانہ آئي هجي.


خدا ماڻهو ناهي، جو ڪوڙ ڳالهائي؛ نہ آدمزاد آهي، جو پڇتائي: جيڪي هن چيو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟ يا جيڪي هن فرمايو آهي، سو پورو نہ ڪندو ڇا؟


تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي هلان تہ من خدا راضي ٿئي، ۽ اتان تون منهنجي خاطر انهن کي لعنت ڪرين.


پوءِ بلعام بلق کي چيو، تہ تون هتي پنهنجي سوختني قربانيءَ وٽ بيهہ، تہ آءٌ وڃان؛ شايد خداوند مون کي گڏجڻ لاءِ اچي: ۽ جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توکي ٻڌائيندس. ۽ هو هڪڙيءَ ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


سو بلق ائين ئي ڪيو، جيئن بلعام چيس، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهيائين.


۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛


پر اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني، يعني سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو ۽ ست يڪسالا گهيٽا: اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:


هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، اوهين هي بہ پيش ڪجو. (اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن.)


۽ اوهين سوختني قربانيءَ لاءِ تيرهن وهڙا، ٻہ گهٽا، چوڏهن يڪسالا گهيٽا، جي سڀ بي عيب هجن، سي خداوند جي حضور ۾، وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ، باهہ سان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو:


اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ يعني هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ ست يڪسالا بي عيب گهيٽا:


تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.


تڏهن يسوع کي گهُمندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، اِجهو خدا جو گهيٽو!


تڏهن يسوع وري چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ رڍن جو دروازو آئون آهيان.


آئون دروازو آهيان: جيڪو مون مان اندر گهڙندو، سو بچي پوندو، ۽ اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ چارو ملندس.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.


جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو انهي جي وسيلي اسين ٻئي هڪڙي ئي روح ۾ پيءُ تائين پهچي ٿا سگهون.


۽ هڪڙي اهڙي جلال واري ڪليسيا پنهنجي اڳيان پيش ڪري، جنهن تي ڪوبہ داغ يا گهنج يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ نہ هجي؛ پر اُها پاڪ ۽ بي عيب هجي.


اتي تون پنهنجون سوختنيون قربانيون پيش ڪج، انهن جو گوشت ۽ انهن جو رت، قربانگاهہ تي چاڙهج: ۽ تنهنجين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت قربانگاهہ تي اوتبو، ۽ گوشت تون کائج.


۽ جيڪڏهن انهي ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ هو منڊو يا انڌو هجي، يا ٻيو ڪو عيب هجيس، تہ اهو تون خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان قربانيءَ طور پيش نہ ڪج.


تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن اهڙي ڍڳي، يا گهيٽي جي قرباني نہ ڪج، جنهن ۾ ڪو عيب يا ڪا بدزيبائي هجي: ڇالاءِ جو اهو خداوند تنهنجي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ