Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 1:2 - Sindhi Bible

2 بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 کيس بني اسرائيل لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو مون خداوند جي لاءِ قرباني ڪري تہ اهو ڍورن ڍڳن يا رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 1:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿورن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو، جو قائن پنهنجي ٻنيءَ جي پيدائش مان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو،


پر قائن ۽ سندس نذراني کي قبول نہ ڪيائين. تنهن تي قائن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ سندس منهن لهي ويو.


خداوند جي نالي جي لائق تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس حضور ۾ اچو: پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو.


۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.


تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس.


۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان قرباني ڪريو، يعني سوختني قرباني، يا پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي خداوند جي لاءِ ڌڻن يا ڍورن مان خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪريو؛


تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري.


۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛


پر اوهين چئو ٿا تہ جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي چوندو تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا قربان، يعني خدا جي نذر ٿي چڪي؛


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


۽ جو فضل اسان کي ڏنو ويو هو، اُنهي موجب اسان کي جدا جدا نعمتون مليون آهن، تنهنڪري جي نبوت ملي هجي تہ اسين پنهنجي ايمان جي اندازي موجب نبوت ڪريون؛


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ