Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 1:11 - Sindhi Bible

11 ۽ انهي کي هو قربانگاهہ جي اُتر واري پاسي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ کي هو قربان‌گاهہ جي اتر واري پاسي مون خداوند جي آڏو ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 1:11
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو، ۽ ٻيو اڌ قربانگاهہ تي ڇاٽاريو


۽ هن جماعت واري تنبوءَ ۾، خيمي جي اُتر واري پاسي، پردي جي ٻاهران ميز رکي،


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو قربانگاهہ جوڙيندا، تنهن ڏينهن ان جا قانون هي ٿيندا، ۽ انهي لاءِ تہ انهي تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ انهي تي رت ڇاٽارين.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کڻ. ان موجب مون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کنيون ۽ قربانگاهہ جي دروازي تي اُتر پاسي، لنگهہ جي جاءِ تي اُها ئي حسد جي مورت هئي.


۽ هو انهي وهڙي کي خداوند جي حضور ۾ ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي رت آڻي پيش ڪن، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ پاڪ مڪان ۾ جنهن هنڌ گناهہ جي قرباني ۽ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، تنهن هنڌ هو انهي گهيٽي کي ذبح ڪري: ڇالاءِ تہ جهڙي طرح گناهہ جي قرباني ڪاهن جي آهي، تهڙي طرح خطا جي قرباني بہ ڪاهن جي آهي: اها تمام پاڪ آهي:


۽ هو انهي گناهہ جي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ سوختني قربانيءَ واري هنڌ، اها گناهہ جي قرباني ذبح ڪري.


هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي.


جنهن هنڌ اهي سوختني قرباني ذبح ڪندا آهن، انهي هنڌ خطا جي قرباني بہ ذبح ڪن: ۽ هو انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري.


پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جو رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ