9 بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا.
9 بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا.
۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا.
ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.
۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين:
تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.
۽ خداوند جو فرشتو آيو، ۽ جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ عفرہ ۾ يوآس ابيعزريءَ جو هو، تنهن جي هيٺان ويٺو: ۽ سندس پٽ جدعون انهيءَ وقت شراب ڪڍڻ واري چيچڙي ۾ سنگن مان ڪڻڪ سٽي پئي ڪڍي، انهي لاءِ تہ اُها مديانين کان لڪائي.