Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 5:5 - Sindhi Bible

5 اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اسين ڏينهن رات لوڙيون ٿا ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون، تنهنڪري ڏاڍا ٿڪجي پيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 5:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ مون هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وڌي آهي، انهي لاءِ تہ هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت چاڪري ڪن؛ ۽ هو ضرور ان جي خدمت چاڪري ڪندا: ۽ مون هن کي جهنگ جا جانور بہ ڏنا آهن.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا.


منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.


يهوداہ ڏکن سبب، ۽ گهڻيءَ ٻانهپ سبب قيد ٿي ويو آهي: هو غير قومن ۾ ٿو رهي، ۽ ڪوبہ آرام نٿو اچيس: ان جي سڀني پٺيان پوندڙن کيس گهٽيو آهي.


اسان جا پٺيان پوندڙ هوا جي بازن کان وڌيڪ تکا آهن؛ هو جبلن تي اسان جي پٺيان پيا، هو بيابان ۾ اسان جي لاءِ لڪي ويٺا.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


تنهنڪري اهڙي پاڃاري جا نڪي اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نڪي اسين کڻي ٿي سگهياسين، سا اوهين شاگردن جي ڪنڌ تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟


تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ