4 اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين.
4 اسين پاڻي بہ ملهہ جو ٿا پيئون، ۽ ڪاٺيون بہ بها سان وٺي ٻاريون ٿا.
ڏس، اڄ اسين غلام آهيون، ۽ جيڪا زمين تو اسان جي ابن ڏاڏن کي انهيءَ لاءِ ڏني تہ اُنهيءَ جو ڦر ۽ انهيءَ مان جيڪي شيون پيدا ٿين سي کائين، تنهن ۾ اسين غلام آهيون.
ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند، لشڪرن جو خداوند، يروشلم ۽ يهوداهہ مان سهارو ۽ ٽيڪ، ۽ مانيءَ جي ۽ پاڻيءَ جي اميد کڻي وٺندو؛
اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو.
تنهنڪري بک ۾، اُڃ ۾، اوگهڙ ۾، ۽ سڀني شين جي محتاجيءَ ۾ بہ، جيڪو دشمن خداوند توتي موڪليندو، تنهن جي تون خدمت ڪندين: ۽ جيسين هو توکي برباد نہ ڪندو، تيسين تنهنجيءَ ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجهندو.