17 انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛
17 انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.
منهنجي اک ڏک جي ڪري ڌنڌ واري ٿي پيئي آهي، ۽ منهنجا سڀ عضوا پاڇي جهڙا ٿي پيا آهن.
اي خداوند مون تي رحم ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ڏکن ۾ آهيان: منهنجي اک، بلڪ منهنجي جان ۽ جسم سڀ رنج جي ڪري ڳري ويا آهن.
آءٌ هيڻو ۽ بلڪل چٿيل آهيان: ۽ دل جي بيچينيءَ جي ڪري دانهون پيو ڪريان.
روئندي، روئندي، منهنجن اکين ۾ ڌنڌ ٿي پيو آهي؛ اهي منهنجي سڀني دشمنن جي ڪري هيڻيون ٿي پيون آهن.
آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان؛ ۽ نڙي سڪي ويئي اٿم: ۽ خدا جو انتظار ڪندي منهنجون اکيون ضعيف ٿي ويون آهن.
ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.
ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.
ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.
شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.
هن مٿان منهنجن هڏن ۾ باهہ موڪلي آهي، ۽ اُها انهن کي وڪوڙي ويئي آهي: هن منهنجن پيرن لاءِ دام پکيڙيو آهي، هن مون کي پٺ تي ڦيرايو آهي؛ هن مون کي سڄو ڏينهن ويران ۽ ماندو ڪيو آهي.
هنن جي سڀ شرارت ڀلي تہ تنهنجي اڳيان اچي؛ ۽ جيڪي منهنجن سڀني گناهن جي ڪري تو مون سان ڪيو آهي سو هنن سان بہ ڪر: ڇالاءِ جو منهنجون آهون گهڻيون آهن، ۽ منهنجي دل سست آهي.
منهنجون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ضعيف ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين، منهنجو جگر منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ناس ٿيڻ ڪري زمين تي هارجي پيو آهي؛ ڇالاءِ جو ننڍا ٻار ۽ کير پياڪ ٻار شهرن جي گهٽين ۾ بيهوش ٿي وڃن ٿا.
مون انهي ترار جي نوڪ هنن جي سڀني دروازن تي رکي آهي، تہ سندن دل پگهري وڃي ۽ هو وڌيڪ آٿڙجن. هائو، اُها وڄ جهڙي آهي، اُها ڪوس جي لاءِ تيار آهي.
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو.
۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.
تنهنڪري مون بہ توکي سخت زخمي ڪيو آهي: مون توکي تنهنجن گناهن جي ڪري ويران ڪيو آهي.
انهن قومن منجهہ توکي سک ڪونہ ملندو، نڪي تنهنجي پير جي تريءَ کي آرام ايندو: خداوند توکي اتي دل جي ڏڪڻي، ۽ اکين جو ڌنڌ، ۽ جان جو جهورو ڏيندو: