15 اسان جي دل جي خوشي بند ٿي ويئي آهي؛ اسان جو ناچ بدلجي ماتم ٿي پيو آهي.
15 اسان جي دلين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، ۽ اسان جو ناچ روڄ راڙي ۾ بدلجي ويو آهي.
تنهن ڪري منهنجي بربط مان ڦري غم جو آواز ٿو نڪري، ۽ منهنجي بانسريءَ مان روئڻ جو آواز ٿو نڪري.
تو منهنجي ماتم کي مٽائي نچڻ ڪيو آهي؛ تو مون تان کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو ڪمربند ٻڌو آهي:
تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس.
۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.