Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 5:13 - Sindhi Bible

13 جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اسان جي نوجوانن کان غلامن وانگر پٿر پيهايا ٿا وڃن. ۽ اسان جي ٻارن کان ڪاٺين جو ايترو تہ ڳرو بار کڻايو ٿو وڃي جو اهي ٿاٻڙجي ٿا ڪرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 5:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ٻئي جي لاءِ جنڊ پيهي، ۽ ڀلي تہ ٻيا ماڻهو هن تي جهڪن.


سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.


۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا.


پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ وڏو ٿيو، تڏهن ٻاهر پنهنجن ڀائرن وٽ ويو ۽ انهن جون تڪليفون ڏٺائين؛ ۽ ڏٺائين تہ هڪڙو مصري، سندس ڀائرن مان هڪڙي عبرانيءَ کي پيو ماري.


جيڪڏهن تون پنهنجي دشمن جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسين، ۽ کيس مدد ڪرڻ جي دل نہ هجيئي، تڏهن بہ ضرور انهي جي مدد ڪج.


جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ.


جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.


هائو، هو ڳريون ڀريون ٿا ٻَڌن، جي کڻڻ مشڪل آهن، ۽ اُهي ماڻهن جي ڪلهن تي کنيو رکن؛ پر پاڻ انهن کي آڱر سان بہ ڪين ٿا چورين.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ