آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.
صيون جي ڌيءَ جا بزرگ زمين تي ويهن ٿا، هو ماٺ ڪري ويٺا آهن؛ هنن پنهنجن مٿن تي مٽي وسائي آهي؛ هنن پنهنجي چيلهہ سان کٿا ٻڌا آهن: يروشلم جون ڪنواريون ڇوڪريون پنهنجا مٿا زمين تائين جهڪائين ٿيون.
اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟