Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 5:1 - Sindhi Bible

1 اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 5:1
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن مون کي چيو تہ جيڪي انهيءَ پرڳڻي ۾ قيد ٿيڻ کان باقي بچيا آهن، سي ڏاڍي ڏک ۽ مصيبت ۾ آهن: يروشلم جي ڀت بہ ڀڄي پيئي آهي، ۽ انهيءَ جا در باهہ سان سڙي ويا آهن.


آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ڪيو هو سو ياد رک، ۽ تو چيو هو تہ جي اوهين گناهہ ڪندا تہ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس:


اي اسان جا خدا ٻڌ؛ ڇالاءِ جو اسين ڌڪاريل آهيون: هنن جو طعنو ڦيرائي هنن جي مٿي تي آڻ، ۽ هنن کي قيد جي ملڪ ۾ ڦرلٽ ۾ ڏيئي ڇڏ:


آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ياد ڪر تہ تو مون کي ڳوهيل مٽيءَ وانگر جوڙيو آهي؛ ۽ وري مونکي خاڪ ۾ آڻي وجهندين ڇا؟


اڙي، ياد ڪريو تہ منهنجي حياتي هوا وانگر آهي: منهنجي اک وري چڱائي نہ ڏسندي.


ر منهنجي مصيبت تي نظر ڪر، ۽ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇو جو آءٌ تنهنجي شريعت نٿو وساريان.


اي خداوند ياد ڪر تہ دشمن طعنا هنيا آهن، ۽ بيوقوف قوم تنهنجي نالي ڪفر بڪيو آهي.


اي خداوند اسان جي پاڙيسرين جي گلا جا هو تنهنجي برخلاف ٿا ڪن، سا ستوڻي ڪري مٿن آڻ.


اسان جا پاڙيسري اسان کي طعنا ٿا هڻن، ۽ جيڪي اسان جي آس پاس آهن سي اسان تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ٿا ڪن.


اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو.


اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.


اسين شرمندا ٿيا آهيون. ڇالاءِ جو اسان طعنو ٻڌو آهي؛ لڄ اسان جا منهن ڍڪي ڇڏيا آهن: ڇالاءِ جو ڌاريا ماڻهو خداوند جي گهر جي پاڪ جاين ۾ گهڙي ويا آهن.


ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.


اي خداوند ڏس؛ ڇالاءِ جو آءٌ تڪليف ۾ آهيان؛ منهنجن آنڊن ۾ وٽ ٿا پون؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ڦري ويئي آهي؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍي بغاوت ڪئي آهي: ٻاهر ترار ماڻهو کسي وٺي ٿي، ۽ اندر گهر ۾ موت جهڙو حال آهي.


سندس گند سندس دامن ۾ هو؛ هن کي پنهنجي پڇاڙي ياد نہ هئي؛ تنهن ڪري هوءَ عجيب طرح هيٺ لهي آئي آهي؛ ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونہ اٿس: اي خداوند، منهنجو ڏک ڏس: ڇالاءِ جو دشمن پاڻ کي وڏو ڪيو آهي.


جيڪي پاسي کان لنگهن ٿا سي توتي تاڙيون وڄائين ٿا؛ هو يروشلم جي ڌيءَ تي شوڪارا ٿا ڀرين ۽ پنهنجا ڪنڌ لوڏين ٿا، ۽ چون ٿا تہ هي اُهو شهر آهي ڇا جنهن کي ماڻهو سونهن جو ڪمال، ۽ سڄيءَ زمين جي خوشي سڏيندا هئا.


اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟


منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.


جيستائين خداوند هيٺ نهاري، ۽ آسمان مان ڏسي.


اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛


اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.


پوءِ هن چيو، تہ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهت ۾ اچين، تڏهن مون کي ياد ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ