Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:9 - Sindhi Bible

9 جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اچي ڏڪار پيو، اهڙو جو ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ ٿي لڌي.


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


اڙي تون جا رڙين سان ڀريل، ۽ گوڙ وارو شهر، ۽ خوشي ڪندڙ شهر آهين؛ تنهنجا ڪُٺل ترار سان ڪُٺل ناهن نڪي اهي جنگ ۾ مئا آهن.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


اوهان جا پٽڪا اوهانجن مٿن تي هوندا، ۽ اوهان جون جُتيون اوهانجن پيرن ۾ هونديون: اوهين نہ روئندا نہ رڙندا، پر اوهين پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويندا، ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا.


۽ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي کي چئُہ، تہ اوهين جو هيئن ٿا چئو تہ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ اسان تي آهن، ۽ اسين انهن ۾ ڳرندا ٿا وڃون؛ سو اسين ڪيئن جيئرا رهون؟


هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، ڏس، آءٌ يروشلم ۾ مانيءَ جي لٺ ڀڃي ڇڏيندس: ۽ هو ماني تور سان ۽ ڳڻتيءَ سان کائيندا، ۽ هو پاڻي ماپ سان ۽ حيرانيءَ سان پيئندا:


ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو.


۽ جيڪي اوهان مان باقي بچندا، سي پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري اوهان جي دشمنن جي ملڪن ۾ مري ڳري ويندا؛ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري بہ انهن سان گڏ مري ڳري ويندا.


اها تنهنجي چوپائي مال جا ٻچا، ۽ تنهنجي زمين کائي ويندي، جيسين ڪ تون برباد ٿي وڃين: ۽ اها تنهنجي لاءِ اَن، يا شراب، يا تيل، يا گاين، ۽ ڌڻن جا ٻچا بہ ڪين ڇڏيندي، جيسين ڪ توکي نابود نہ ڪري:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ