Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند سدوم ۽ عمورہ تي آسمان مان خداوند وٽان گندرف ۽ باهہ وسائي؛


۽ انهن شهرن کي، ۽ ساري ميدان کي، ۽ انهن شهرن جي سڀني رهاڪن کي، ۽ جيڪي زمين تي اُڀريو هو، تنهن کي برباد ڪري ڇڏيائين.


۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.


ڀلي تہ اهو ماڻهو اُنهن شهرن جهڙو ٿئي، جنهن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کان پشيمان نہ ٿيو: ۽ ڀلي تہ اُهو صبح جو دانهن ۽ ٻنپهرن جو خوف جي خبر ٻڌي؛


يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.


جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن.


۽ انهي جي تجويز سان ٺڳي سندس هٿ ۾ زور وٺندي؛ ۽ هو پنهنجي دل ۾ پاڻ کي وڏو سمجهندو، ۽ گهڻن کي سندن سلامتيءَ جي وقت ناس ڪندو: ۽ هو بادشاهن جي بادشاهہ جي برخلاف کڙو ٿيندو: پر هو هٿ لائڻ کانسواءِ ڀڃي ڇڏيو ويندو.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


ڇالاءِ جو تڏهن وڏي مصيبت ايندي. اهڙي جا دنيا جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ڪانہ آئي ۽ نہ ڪڏهن ايندي.


آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي شهر کان سدوم شهر لاءِ اهو ڏينهن وڌيڪ سولو ٿيندو.


۽ اُهو نوڪر جنهن کي پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ جي خبر هئي، ۽ تياري نہ ڪيائين، نڪي هن جي مرضيءَ موجب هليو، تنهن کي خوب مار ملندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ