Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:3 - Sindhi Bible

3 گدڙ بہ پنهنجا ٿڻ ڪڍي پنهنجن ٻچن کي کير پيارين ٿا: منهنجي قوم جي ڌيءَ بيابان جي اٺ پکين وانگر بي رحم ٿي پئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن آءٌ صبح جو پنهنجي ٻار کي کير پيارڻ لاءِ اُٿيس تڏهن ڏسان تہ اُهو مئو پيو آهي: پر جڏهن صبح جو مون ڌيان ڏيئي نهاريو، تڏهن ڏٺم تہ اُهو منهنجو ڄڻيل پٽ نہ آهي.


۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.


انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي.


زال پنهنجي کير پياڪ ٻار کي اهڙو وساري ڇڏيندي ڇا جو پنهنجي پيٽ جي پٽ تي بہ رحم نہ اچيس؟ هائو، اُهي وساري بہ ڇڏين، پر آءٌ توکي ڪين وساريندس.


۽ آءٌ هنن کي سندن پٽن جو گوشت ۽ سندن ڌيئن جو گوشت کارائيندس، ۽ جنهن گهيري ۽ تنگيءَ سان هنن جا دشمن ۽ هنن جي ساهہ جا طالب، هنن کي تنگ ڪندا، تنهن ۾ هنن مان هرڪو پنهنجي دوست جو گوشت کائيندو.


اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟


قياس وارين زالن جي هٿن خود پنهنجن ٻارن ٻچن کي رڌيو آهي؛ منهنجي قوم جي ڌيءَ جي تباهيءَ ۾ اُهي انهن جو قوت هئا.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


۽ اوهين پنهنجن پٽن جو، ۽ پنهنجين ڌيئرن جو ماس کائيندا.


بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ