Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:22 - Sindhi Bible

22 اي صيون جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي؛ هو توکي وري قيد ڪري وٺي نہ ويندو: اي ادوم جي ڌيءَ، تنهنجي بدڪاريءَ جي خبر لهندو؛ هو تنهنجو گناهہ کولي ظاهر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اي پياري صيئون جا رهاڪؤ! اوهان جي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي. خداوند هاڻ جلد اوهان کي جلاوطنيءَ کان موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندو. پر اي ادوم جا رهاڪؤ! خداوند اوهان جا گناهہ کولي ظاهر ڪري اوهان کي انهن بدڪارين جي سزا ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.


اوهين يروشلم سان تسلي سان ڳالهايو، ۽ انهي کي پڪاري چئو تہ سندس جنگ پوري ٿي، ۽ سندس بڇڙائيءَ جي معافي ملي آهي؛ انهي کي خداوند جي هٿان سندس سڀني گناهن جو ٻيڻو بدلو مليو آهي.


اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن.


۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا.


۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.


پر مون عيسوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، مون هنن جون ڳجهيون جايون ظاهر ڪيون آهن، جنهن ڪري هو پاڻ کي لڪائي نہ سگهندو: هن جو نسل لٽجي ويو آهي، ۽ هن جا ڀائر، ۽ هن جا پاڙيسري، ۽ هو پاڻ نيست نابود ٿي ويو آهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس.


اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڏوهہ جي سزا سدوم جي گناهہ جي سزا کان وڏي آهي، جو ڄڻ تہ هڪ پل ۾ اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪي بہ هٿ انهيءَ تي نہ اچي پيا.


۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ اُهو خدا آهيان جو اسرائيل کي پاڪ ٿو ڪريان، ۽ منهنجو پاڪ مڪان هميشہ لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندو.


جيڪو پري آهي سو مرض جي ڪري مرندو؛ ۽ جيڪو ويجهو آهي سو ترار سان ڪِرندو؛ ۽ جيڪو باقي بچندو، سو گهيرجي ويندو ۽ ڏڪار سان مرندو. انهي طرح آءٌ پنهنجو غضب انهن تي پورو ڪندس.


جيڪا زور زبردستي تو پنهنجي ڀاءُ يعقوب سان ڪئي آهي، تنهن جي ڪري شرم توکي ڍڪي ڇڏيندو، ۽ تون هميشہ لاءِ وڍيو ويندين.


۽ عيسوءَ سان نفرت ڪئي، ۽ سندس جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم، ۽ سندس ميراث جهنگ جي گدڙن کي ڏيئي ڇڏيم.


هاڻي جيڪڏهن ادوم چوي تہ اسين سُڃا ٿي ويا آهيون، پر وري موٽي اچي ويران جڳهن کي اڏينداسين؛ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ ڊاهي ڇڏيندس: ۽ ماڻهو انهن کي شرارت جي حد سڏيندا، يعني اُها قوم جنهن تي خداوند هميشہ غضبناڪ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ