Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:21 - Sindhi Bible

21 اي ادوم جي ڌيءَ، جا عوض جي زمين ۾ رهين ٿي، تون خوشي ڪر ۽ سرهي ٿي: پيالو ڦري تو تائين بہ ايندو؛ تون پي مست ٿيندينءَ ۽ پاڻ کي اگهاڙو ڪندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:21
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ديسان جا پٽ هي آهن؛ عوز ۽ اران.


ڇالاءِ جو اسرائيل جي بادشاهہ آخز جي سبب خداوند يهوداہ کي ذليل ڪيو؛ جو هن يهوداہ ۾ بي حيائيءَ جي هلت ڪئي، ۽ خداوند جي برخلاف سخت گناهہ ڪيو.


عوض جي ملڪ ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو ايوب هو؛ اهو ڪامل ۽ سچو هو، ۽ خدا کان ڊڄندو هو، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندو هو.


اي خداوند يروشلم جي ڏينهن کي بني ادوم جي برخلاف ياد رک، جن چيو ٿي تہ انهيءَ کي ڊاهيو، ۽ انهي جي پاڙ پٽي ڪڍو.


اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي جي انهي پيالي پيئڻ وارا نہ هئا، سي ضرور پيئندا؛ ۽ تون اُهو آهين ڇا جو اصل بي سزا ڇڏيو ويندين؟ تون بي سزا ڇڏيو نہ ويندين، پر تون ضرور پيئندين.


ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ موآب ۽ شعير چون ٿا تہ ڏسو يهوداہ جو گهراڻو ٻين سڀني قومن جهڙو آهي.


اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پيو، ۽ رحم کي اُڇلائي ڇڏيائين: ۽ سندن ڪاوڙ هميشہ پئي ڦاڙيو، ۽ هن پنهنجو غصو هميشہ لاءِ رکي ڇڏيو:


عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.


اي سفير جا رهندڙ، اُگهاڙا ۽ شرمندا ٿي لنگهي وڃو: ضانان جا رهاڪو ٻاهر نڪري نٿا سگهن؛ بيت ايضل جي ماتم جي ڪري سندس پناهہ اوهان کان کسي ويندي.


تون وڏائيءَ جي بدلي شرم سان ڀريل آهين: تون بہ پي اڻ طهريل جهڙو ٿيءُ: خداوند جي ساڄي هٿ وارو پيالو تو ڏي ڦيرايو ويندو، ۽ تنهنجي وڏائي ڦري خراب خواري ٿي پوندي.


(ڏسو، آئون ائين ٿو اچان جيئن چور ايندو آهي، مبارڪ آهي اُهو جو سجاڳ ٿو رهي، ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ متان اُگهاڙو ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگهڙ ڏسن.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ