Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:20 - Sindhi Bible

20 اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:20
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.


سو هاڻي، جڏهن آءٌ تنهنجي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو، ۽ جيئن تہ هن ڇوڪر ۾ سندس ساهہ آهي،


دائود هن کي چيو تہ تون ڪيئن خداوند جي مسح ٿيل کي مارڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ کان نہ ڊنين؟


اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي.


پر ماڻهن چيو تہ تون اسان سان نہ هلندين: ڇالاءِ جو جي اسين ڀڄي وياسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا؛ يا جي اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا: پر تون اسان جهڙن ڏهن هزارن جو مٽ آهين: تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ تون شهر ۾ رهي اتان اسان ڏي مدد موڪلڻ لاءِ تيار رهج.


پر ابيشي بن ضروياہ ورندي ڏئي چيو تہ انهيءَ لاءِ سمعيءَ کي قتل نہ ڪبو ڇا، جو هن خداوند جي مسح ڪيل تي لعنت وڌي؟


۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.


هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو.


پر ڪسدين جو لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو: ۽ جڏهن هنن پڪڙيس تڏهن حمات جي ملڪ ۾ ربلاہ منجهہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر وٽ هن کي وٺي آيا، ۽ هن مٿس فتويٰ جاري ڪئي.


پر ڪسدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو، ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو؛ ۽ هن جو سارو لشڪر کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيو.


تڏهن هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو، ۽ هن کي حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ بابل جي بادشاهہ وٽ آندائون؛ ۽ اُنهي هن تي فتويٰ جاري ڪئي.


اُن جا در ڪري زمين ۾ گهڙي ويا آهن؛ هن انهيءَ جا گز ناس ڪري ڇڏيا آهن: اُن جو بادشاهہ ۽ اُن جا امير انهن ملڪن ۾ آهن جتي شريعت نہ آهي؛ هائو، ان جي نبين کي ڪوبہ رويا خدا وٽان نٿو اچي.


آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.


ڇالاءِ جو هن عهد اقرار ڀڃڻ سان قسم جي حقارت ظاهر ڪئي آهي؛ ۽ ڏس، هن پنهنجو هٿ ڏنو، تہ بہ اهي سڀ ڪم ڪيا اٿس؛ هو ڪين بچندو.


هو انهي سان گڏ هيٺ دوزخ ۾ انهن وٽ بہ ويا، جي ترار سان ڪُٺل هئا؛ اُهي جي هن جي ٻانهن هئا، ۽ قومن مان هن جي پاڇي هيٺ رهندا هئا.


انهي جا پن سهڻا هئا، ۽ انهي جو ڦر گهڻو هو، ۽ انهي مان سڀني کي کاڌو ٿي مليو: جهنگ جا جانور انهي جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا هئا، ۽ هوا جا پکي ان جي ٽارين ۾ رهندا هئا، ۽ ڪل بشر انهي تي گذران ڪندا هئا.


هاڻي تنهنجو بادشاهہ ڪٿي آهي، جو توکي تنهنجن سڀني شهرن ۾ اچي بچائي؟ ۽ تنهنجا قاضي ڪٿي آهن جن جي نسبت ۾ تو چيو تہ مون کي بادشاهہ ۽ امير ڏي؟


۽ ڪنڊيءَ جي وڻ چين تہ جي سچ پچ اوهين مون کي مسح ڪري پاڻ تي بادشاهہ ٿا ڪريو، تہ اچو ۽ منهنجي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺو: ۽ جي نہ، تہ ڀلي ڪنڊيءَ مان باهہ نڪري، ۽ لبنان جي سرو جي وڻن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏي.


اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.


۽ هن چيو تہ خدا اوهان تي شاهد آهي، ۽ سندس مسح ڪيل اڄ شاهد آهي، تہ اوهان منهنجي هٿ ۾ ڪي ڪين لڌو آهي. ۽ هنن چيو تہ اهو شاهد آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو آيا تڏهن هن الياب ڏي نهاري چيو تہ يقين آهي تہ خداوند جو مسح ڪيل سندس اڳيان آهي.


ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي.


۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان.


تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين مرڻ جي لائق آهيو، ڇالاءِ جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ، خداوند جي مسح ٿيل جي نگهباني نہ ڪئي آهي. ۽ هاڻي ڏسو، بادشاهہ جو نيزو توڙي پاڻيءَ جي صراحي ڪٿي آهي جا سندس سيرانديءَ کان رکي هئي؟


۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ