Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:2 - Sindhi Bible

2 صيون جا سڪيلڌا پٽ، جي عمدي سون سان مقابلي ڪرڻ جهڙا آهن، سي ڪيئن نہ ٺڪر جي ٿانوَن وانگر، جي ڪنڀار جي هٿن جا جڙيل آهن، سمجهيا ٿا وڃن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آہ! صيئون جا رهاڪو، جيڪي تمام نج سون کان بہ وڌ هئا، سي ڪيئن نہ هاڻ ڪنڀر جي هٿان ٺهيل ٺڪر جي ٿانون جهڙا ٿي پيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو انهي کي ڪنڀار جي ٿانوَ وانگر ڀڃندو، ۽ انهي کي ڪين ڇڏيندو، پر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو؛ ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ اهڙو ٺڪر ڪونہ لڀندو، جنهن ۾ چلهہ مان ٽانڊو کڻجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍجي.


جي پٽ هن ڄڻيا آهن تن مان اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو هن جي رهبري ڪري؛ نڪي جيڪي پٽ هن پاليا آهن تن مان ڪو اهڙو آهي جو هن جو هٿ وٺي.


خداوند هيئن فرمايو تہ وڃي ڪنڀر جي جوڙيل هڪڙي مٽيءَ جي صراحي خريد ڪر، ۽ قوم جي بزرگن، ۽ ڪاهنن جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان وٺ؛


۽ هنن کي چئج تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀڃندس جيئن ڪو ٺڪر جو ٿانو ڀڃي، جو وري سڄو ڪري نہ سگهجي: ۽ هو انهن کي توفت ۾ دفن ڪندا، جيستائين ڪ دفن ڪرڻ جي جاءِ ڪانہ رهندي.


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


جوان ۽ ٻڍو ماڻهو ٻئي گهٽين ۾ زمين تي سُتا پيا آهن؛ منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان ماڻهو ترار سان مارجي ويا آهن: تو انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن ڪُٺو آهي؛ تو ڪوس ڪيو اهي، ۽ رحم ڪونہ ڪيو اٿيئي.


هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي.


اسرائيل ڳيسجي ويو آهي: هاڻي هو ٻين قومن ۾ ائين آهي جيئن اُهو باسڻ جو ڪنهن ڪم جو ڪونهي.


ڇالاءِ جو مون يهوداہ کي ڪمان وانگر موڙيو آهي، ۽ افرائيم کي تير وانگي ڪشيو اٿم؛ ۽ اي صيون، آءٌ تنهنجن فرزندن کي يونان جي فرزندن جي برخلاف اُٿاري کڙو ڪندس، ۽ توکي هڪڙي پهلوان جي ترار وانگر زبردست ڪندس.


پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.


هاڻي ڪنهن وڏي گهر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ ٿا ٿين؛ پر ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ ٿين ٿا؛ ۽ ڪي اعليٰ ڪمن جي لاءِ آهن ۽ ڪي ذليل ڪمن جي لاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ