Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:17 - Sindhi Bible

17 اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:17
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ مصر جي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي بادشاهہ جو جيڪو ملڪ هو، سو سڀ هٿ ڪيو هو.


۽ هو ڊڄي ويندا، ۽ شرمندا ٿيندا، ڇالاءِ جو ڪوش کي پنهنجي اُميد جي جاءِ، ۽ مصر کي پنهنجو فخر ٿي سمجهيائون.


۽ موت سان ٻڌل اوهان جو عهد اقرار رد ٿي ويندو، ۽ دوزخ سان اوهان جو انجام قائم نہ رهندو، جڏهن سزا جي اُٿل ايندي، تڏهن اوهين انهي جي هيٺ لتاڙجي ويندا.


۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.


فصل لهي ويا آهن، اونهارو اچي پورو ٿيو آهي، پر اسان کي ڇوٽڪارو ڪونہ مليو آهي.


جن جي مون سان محبت هئي تن کي مون سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي: منهنجن ڪاهنن ۽ منهنجن بزرگن پنهنجن روحن کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌي ڳوليندي شهر ۾ ساهہ ڏنو.


يروشلم جي ڌيءَ پنهنجي ڏک ۽ پنهنجن مصيبتن جي ڏينهن ۾، پنهنجن قديم وقت وارن مزي جهڙين شين کي ياد ٿي ڪري: جڏهن ان جا ماڻهو دشمن جي هٿ چڙهيا، ۽ ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوس، تڏهن دشمنن کيس ڏٺو، ۽ سندس ويرانيءَ تي ٺٺوليون ڪيون.


مانيءَ جي ڍءُ ڪرڻ لاءِ اسان مصرين کي، ۽ اسورين کي هٿ ڏنو آهي.


۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ