Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:16 - Sindhi Bible

16 خداوند جي ڪاوڙ هنن ۾ تفرقو وڌو آهي؛ هو اڳتي وري هنن ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏيندو: هو ڪاهنن کي عزت نہ ڏيندا هئا، هو بزرگن سان مروت ڪانہ ڪندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند پنهنجي غضب وچان نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻي سندن ڪابہ سار نہ ٿو لهي. بلڪ هو اسان جي ڪاهنن کي ڪا عزت نہ ٿو ڏئي، نڪي اسان جي اڳواڻن جو ڪو لحاظ ٿو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:16
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ انهن جي نسل کي غير قوم منجهہ ڪيرائيندس، ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪندس.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن انهن جي تڪليفن تي نظر ڪيائين.


۽ جهڙو ماڻهن جو حال ٿيندو تهڙو ڪاهن جو؛ جهڙو نوڪر جو تهڙو ڌڻيءَ جو؛ جهڙو ٻانهيءَ جو تهڙو سانئڻ جو؛ جهڙو خريدار جو تهڙو وڪڻندڙ جو؛ جهڙو اُڌاري ڏيندڙ جو تهڙو اُڌاري وٺندڙ جو؛ جهڙو وياج وٺندڙ جو تهڙو وياج ڏيندڙ جو.


آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.


جيڪي يهوداہ جي بادشاهہ منسي بن حزقياہ، يروشلم ۾ ڪيو تنهنجي نسبت آءٌ هنن کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ دربدر ڪري رلائيندس.


آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا.


۽ پهري وارن جو سردار، سراياہ سردار ڪاهن، ۽ صفنياہ ٻئي درجي واري ڪاهن، ۽ در جي سنڀال ڪرڻ وارن کي بہ وٺي ويو:


اي خداوند ڏس، ۽ نظر ڪر تہ ڪنهن جو تو اهڙو حال ڪيو آهي! زالون ڪو پنهنجو ڦر کائينديون ڇا، يعني جيڪي ٻار هٿن ۾ ڪڏايا ٿا وڃن؟ خداوند جي پاڪ مڪان ۾ ڪاهن ۽ نبي قتل ڪيا ويندا ڇا؟


۽ هو زور زبردستيءَ سان پنهنجو شاميانو کڻي ويو آهي، ڄڻ تہ اهو ڪنهن باغ جو هو؛ ۽ هن پنهنجي جماعت جي جاءِ ناس ڪئي آهي: خداوند صيون ۾ سڳوري جماعت ۽ سبت وسارائي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ بادشاهہ ۽ ڪاهن ڏانهن نفرت ظاهر ڪئي اٿس.


هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي.


تنهنڪري تنهنجي وچ ۾ پيءُ پٽن کي کائيندا، ۽ پٽ پيئرن کي کائيندا؛ ۽ آءٌ تو ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس، ۽ تنهنجا باقي بچيل سڀ ماڻهو سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


مون چيو تہ آءٌ انهن کي پري پري پکيڙي ڇڏيندس، آءٌ انهن جي يادگيري ماڻهن منجهان ڪڍي ڇڏيندس.


نہ انهي عهد وانگر جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو، جڏهن مصر جي ملڪ مان کين ڪڍي آڻڻ لاءِ سندن هٿ جهليم؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي عهد تي قائم نہ رهيا، ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ