Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:14 - Sindhi Bible

14 هو انڌن وانگر گهٽين ۾ پيا گهمن، هو رت سان پليت ٿيا پيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو هنن جي ڪپڙن کي هٿ ئي نہ ٿا لائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو اهي نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن انڌن وانگر گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻندا رهيا. اهي رت ۾ ٻڏي ايترا تہ پليت ٿي ويا، جو ڪنهن بہ کين پنهنجي ڪپڙن کي هٿ لائڻ نہ ٿي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي.


بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ اُهي سڀ ڳالهيون سڀني ماڻهن کي ٻڌائي بس ڪيون جن جي ٻڌائڻ لاءِ خداوند حڪم ڪيو هوس، تڏهن ڪاهنن ۽ نبين ۽ سڀني ماڻهن اچي جهليس، ۽ چيائونس تہ تون ضرور مرندين.


تنهنڪري سچا ماڻهو زناڪار زالن جي فتويٰ ۽ خوني زالن واري فتويٰ هنن جي حق ۾ جاري ڪندا، ڇالاءِ جو هو زناڪار آهن ۽ هنن جي هٿن ۾ رت آهي.


ڪوڙو قسم کڻڻ، ۽ انجام ڀڃڻ، ۽ خون ڪرڻ، ۽ زنا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونهي؛ هو پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا، ۽ رت رت کي ٿو لڳي.


۽ آءٌ ماڻهن تي اهڙي مصيبت آڻيندس جو هو انڌن وانگي هلندا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي: ۽ مٽيءَ وانگي هنن جو رت وهايو ويندو، ۽ هنن جو گوشت ڇيڻي وانگي.


جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو: ڇالاءِ جو رت ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري: ڇو تہ جنهن ملڪ ۾ رت وهائجي ٿو، تنهن جو ڪفارو خونيءَ جي رت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي.


هنن کي ڇڏي ڏيو؛ هو انڌا سونهان آهن. جيڪڏهن انڌو انڌي جو سونهون ٿيندو تہ ٻئي کڏ ۾ ڪِرندا.


ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ