Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 4:1 - Sindhi Bible

1 سون ڪيئن نہ جهڪو ٿي ويو آهي! تمام خالص سون ڪيئن نہ بدلجي ويو آهي! پاڪ مڪان جا پٿر سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي اُڇليا ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي! هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي! قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 4:1
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.


اي ڏينهن جا تارا، اي صبح جا فرزند، تون ڪيئن آسمان مان ڪري پيو آهين!


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


اُٿ، رات جو رڙيون ڪر، جڏهن پهر شروع ٿا ٿين تڏهن خداوند جي روبرو پنهنجي دل پاڻيءَ وانگر هاري وجهہ: پنهنجن ننڍن ٻارن جي حياتيءَ لاءِ پنهنجا هٿ هن ڏانهن کڻ، جو اُهي سڀ ڪنهن گهٽيءَ جي چوٽيءَ تي بک جي ڪري ماندا ٿا ٿين.


اي آدمزاد، اسرائيل جو گهراڻو منهنجي اڳيان مُٺ ٿي پيو آهي؛ اُهي سڀ کوري جي وچ ۾ پتل، ۽ قلعي، ۽ لوهہ، ۽ شيهو آهن؛ اُهي چانديءَ جو مُٺ آهن.


تنهنڪري آءٌ سامريہ کي ڀترن جو ڍير، ۽ ڊاک جي منهہ وانگر ڪندس، ۽ سندس پهڻ ڪيرائي واديءَ ۾ اُڇلائيندس، تہ جيئن سندس بنياد ڏسڻ ۾ اچن.


پر هن ورندي ڏيئي چين تہ هي سڀ شيون اوهين ڏسو ٿا؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو جو ڊاٺو نہ ويندو.


يسوع چيس تہ تون هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو؟ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ