8 هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.
8 توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو، تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي.
ڏسو، آءٌ ظلم جي خلاف پڪاريان ٿو پر منهنجي ٻڌي نٿي وڃي: آءٌ مدد لاءِ پڪاريان ٿو پر ڪو انصاف ڪونهي.
آءٌ توکي رڙيون ڪري سڏيان ٿو ۽ تون مون کي جواب نٿو ڏين: آءٌ اُٿي ٿو بيهان ۽ تون مون ڏي نهارين ٿو.
اي منهنجا خدا، آءٌ ڏينهن رات دانهون پيو ڪريان، ۽ ماٺ نٿو ڪريان؛ پر تون جواب نٿو ڏين.
اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟
تو اسان کي ڪاوڙ سان ڍڪي ڇڏيو اهي، ۽ تون اسان جي پٺيان پيو آهين؛ تو قتل ڪيو آهي، توکي قياس ڪونہ پيو.
تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي.
اي خداوند ڪيستائين آءٌ دانهون ڪندس ۽ تون نہ ٻڌندين؟ آءٌ تو وٽ ظلم زبردستيءَ جون دانهون ٿو ڪريان، پر تون بچائين نٿو.
۽ ٽئين پهر ڌاري، يسوع وڏي واڪي سان پڪاري چيو، ايلي ايلي، لما سبقتني، يعني، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
ڇالاءِ تہ جيڪو ڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو، تنهن کان لڀجي ٿو ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو، تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.