66 تون ڪاوڙ ۾ هنن جي پٺيان پئُہ، ۽ خداوند جي آسمانن جي هيٺان هنن کي ناس ڪر.
66 اي خداوند! پنهنجي غضب وچان سندن پيڇو ڪندي روءِزمين تان سندن نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏ.
۽ خداوند ائين نہ فرمايو تہ آءٌ اسرائيل جو نالو آسمان جي هيٺان مٽائي ڇڏيندس: پر هن انهن کي يربعام بن يوآس جي وسيلي بچايو.
آسمان تہ خداوند جو آسمان آهي؛ پر زمين هن انسان کي ڏني آهي.
اُهي اهڙا ٿين جيئن واءُ جي اڳيان باهہ، ۽ خداوند جو فرشتو اُنهن کي ڌڪيندو رهي.
انهن جي واٽ اونداهي ۽ ترڪڻي ٿئي، ۽ خداوند جو فرشتو سندن پٺيان پوي.
جيڪڏهن آءٌ چوان ها تہ هيئن چوندس؛ تہ ڏس جيڪر تنهنجي نسل سان بيوفائي ڪريان ها.
جڏهن آءٌ آسمانن تي، جي تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن، ۽ چنڊ ۽ تارا، جي تو مقرر ڪيا آهن، تن تي غور ٿو ڪريان؛
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟
اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.
اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو: مون کي ياد ڪر ۽ منهنجي سار لهہ، ۽ منهنجن ستائيندڙن کان وير وٺ: پنهنجي گهڻي صبر ۽ تحمل ڪري مون کي نہ کڻي وڃ: ڄاڻ تہ تنهنجي واسطي مون طعنا مهڻا سٺا آهن.
تو اسان کي ڪاوڙ سان ڍڪي ڇڏيو اهي، ۽ تون اسان جي پٺيان پيو آهين؛ تو قتل ڪيو آهي، توکي قياس ڪونہ پيو.
جيڪي چڱو آهي سو اسرائيل اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي: دشمن هن جي پٺيان پوندو.
تنهنڪري هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور قبضي ۾ ٿو ڏئي، تنهن ۾ جيڪي تنهنجا دشمن تنهنجي آس پاس هوندا، تن کان جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي آرام ڏئي، تڏهن تون زمين تان عماليقين جو نالو نشان مٽائي ڇڏج؛ تون اها ڳالهہ نہ وسارج.
پر خداوند انهي کي معاف نہ ڪندو، ۽ خداوند پنهنجيءَ غيرت جي ڪري انهي ماڻهوءَ تي ڏاڍو ڪاوڙبو، ۽ سڀ لعنتون، جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهي ماڻهوءَ تي پونديون، ۽ خداوند انهي جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندو.
۽ هو انهن جي بادشاهن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندو، ۽ تون انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيندين: ۽ جيسين تون انهن کي برباد نہ ڪندين، تيسين ڪوبہ ماڻهو تنهنجي اڳيان بيهي ڪين سگهندو.