Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:59 - Sindhi Bible

59 اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

59 اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:59
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن راخل چيو تہ خدا منهنجو انصاف ڪيو آهي، ۽ منهنجي دانهن بہ ٻڌي اٿس ۽ مون کي پٽ ڏنو اٿس، تنهنڪري انهيءَ جو نالو دان رکيائين.


جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، يعني ابرهام جو خدا، جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، سو مون سان نہ هجي ها، تہ جيڪر هاڻي تون مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪرين ها. خدا منهنجا ڏک ۽ منهنجن هٿن جو پورهيو ڏٺو آهي، تنهنڪري ڪلهہ رات توکي ڇينڀيو اٿس.


تو ڏٺو آهي: ڇو جو تون دغا ۽ بغض تي نگاهہ ٿو رکين، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي هٿ سان انهي جو بدلو ڏين: لاچار پاڻ کي تنهنجي حوالي ٿو ڪري؛ تون ئي يتيمن جو مددگار آهين.


اي خداوند، منهنجو انصاف ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان: مون خداوند تي پڪو ڀروسو رکيو آهي.


اي خداوند جيڪي مون سان جهيڙو ٿا ڪن تن سان تون جهيڙو ڪر: ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن سان وڙهہ.


اي منهنجا خداوند، اي منهنجا خدا، اُٿ ۽ منهنجي انصاف لاءِ، بلڪ منهنجي معاملي لاءِ سجاڳ ٿي.


اي خدا منهنجو انصاف ڪر، ۽ بي دين قوم جي مقابلي ۾ منهنجي وڪالت ڪر: دغاباز ۽ بي انصاف ماڻهوءَ کان مون کي ڇڏاءِ.


ڇالاءِ جو تو منهنجو حق ۽ منهنجي دعويٰ قائم ڪئي آهي؛ تو تخت تي ويهي سچو انصاف ڪيو آهي.


ويل آهي مون سان، اي منهنجي ماءُ، جو تو مون کي سڄيءَ دنيا جي لاءِ جهيڙاڪ ۽ معاملائي ماڻهو ٿيڻ واسطي ڄڻيو! نہ مون وياج تي قرض ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪي ڪنهن مون کي قرض ڏنو آهي؛ تنهن هوندي بہ انهن مان هرڪو مون تي لعنت پيو وجهي.


ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي.


هنن جو وير وٺڻ ۽ هنن جون رٿون، جي منهنجي برخلاف هيون، سي سڀ تو ڏٺيون آهن.


هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ