57 جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ.
57 اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“
۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.
۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي وڃي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، جن ۾ اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن منهنجي نسبت ۾ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون نہ ڊڄ.
جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.
خداوند انهن سڀني جي ويجهو آهي جي کانئس دعا ٿا گهرن، يعني انهن سڀني کي جي سچائيءَ سان دعا ٿا گهرن.
منهنجي ويجهو اچي منهنجيءَ جان کي ڇڏاءِ: منهنجي دشمنن کان مون کي ڇوٽڪارو ڏي.
تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.
اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.
تڏهن تون سڏ ڪندين ۽ خداوند جواب ڏيندو؛ تون پڪاريندين ۽ هو چوندو تہ اِجهو آءٌ بيٺو آهيان. جيڪڏهن تون پنهنجي وچ مان ظلم جي پاڃاري ۽ انگشت نمائي، ۽ گلا ڪڍي ڇڏيندين؛
تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.
۽ خداوند رات جو رويا ۾ پولس کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي ٻُڌائڻ کان بس ڪر؛
۽ چيائين، تہ اي پولس، ڊڄ نہ، تون ضرور قيصر جي اڳيان پيش ٿيندين: ۽ ڏس هي جيڪي جهاز ۾ تو سان گڏ آهن، تن سڀني کي خدا تنهنجي خاطر بچايو آهي.
(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون.
خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.
۽ جڏهن مون هن کي ڏٺو، تڏهن مردي وانگر سندس پيرن وٽ ڪِري پيس، ۽ هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ڊڄ نہ؛ آئون اول ۽ آخر آهيان،
جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.