Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:56 - Sindhi Bible

56 تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

56 تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ، پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:56
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن کان دعا گهريائين؛ هن سندس دعا قبول ڪري سندس فرياد ٻڌو ۽ هن کي موٽائي سندس بادشاهت ۽ يروشلم ۾ آندائين. تڏهن منسي کي پڪ ٿي تہ خداوند برابر خدا آهي.


هن جي دعا ۽ سندس قبول ٿيڻ؛ ۽ انهيءَ کان اڳي تہ هو نماڻو ٿيو، هن جا گناهہ، ۽ هن جا سڀ قصور، ۽ جن هنڌن تي هن مٿانهيون جايون جوڙايون، ۽ يسيرتون، ۽ اُڪريل مورتون کڙيون ڪيائين، سي حوزيءَ جي تواريخ ۾ لکيل آهن.


جنهن ڪري هنن غريبن جي دانهن هن تائين پهچائي، ۽ هن ڏکويلن جي دانهن ٻڌي.


مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.


غريب دانهون ڪيون، ۽ خداوند هن جي ٻڌي، ۽ کيس سڀني مصيبتن کان بچايائين.


اي منهنجا بادشاهہ منهنجا خدا، منهنجي پڪار ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو کان دعا ٿو گهران.


اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس.


اي خدا منهنجيءَ دعا تي ڪن ڏي؛ ۽ منهنجي منٿ کان منهن نہ موڙ.


منهنجي برخلاف جيڪا جنگ جوٽي هئائون، تنهن مان هن منهنجيءَ جان کي سلامت بچايو: ڇو جو مون سان وڙهڻ وارا گهڻا هئا.


مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ مون کي جواب ڏي: آءٌ پنهنجي غم ۾ بي آرام آهيان، ۽ ڪنجهان پيو.


پر خدا سچ پچ منهنجي ٻڌي آهي؛ هن منهنجي دعا جي آواز تي ڪن ڏنو آهي.


تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.


۽ ساڳيءَ طرح روح بہ اسان جي ڪمزوريءَ ۾ مدد ٿو ڪري: ڇوتہ اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا جي لاءِ، ۽ ڪهڙيءَ طرح دعا گهُرون؛ پر روح پاڻ اندر جي اُڌمن سان اسان جي شفاعت پيو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ