Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زاريون 3:53 - Sindhi Bible

53 هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

53 هنن مون کي جيئرو ئي اونهي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي منهن کي پٿر سان بند ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زاريون 3:53
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يرمياہ بهري ۽ قيدين جي ڪوٺين ۾ آيو ۽ اُتي گهڻا ڏينهن رهيو؛


۽ هاڻي، اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌ: آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو عرض تنهنجي اڳيان قبول پوي؛ تون مون کي موٽائي يونتن منشيءَ جي گهر نہ موڪل، تہ متان آءٌ اُتي مري وڃان.


تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.


اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي.


۽ هڪڙو پٿر آڻي غار جي منهن تي رکيائون؛ ۽ بادشاهہ انهي تي پنهنجي مهر ۽ پنهنجن اميرن جي مهر ڪئي؛ تہ متان داني ايل جي نسبت ۾ ڪا ڦيرگهير ٿئي.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي محلات ۾ ويو ۽ سڄي رات روزو رکيائين؛ نڪو ڪي وڄائڻ جا ساز سندس اڳيان آندا ويا: ۽ سندس ننڊ اُڏامي ويئي.


تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ:


ٽڪر ۾ جا پنهنجي نئين قبر کوٽائي هئائين، تنهن ۾ اهو رکيائين؛ ۽ هن هڪڙو وڏو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو ۽ هليو ويو.


تڏهن هو پهري وارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا، ۽ پهڻ تي مهر هڻي، قبر جي حفاظت ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ