5 هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي.
5 هن مون تي حملو ڪري مون کي سخت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
هن منهنجي راهہ اهڙي روڪي آهي جو آءٌ لنگهي نٿو سگهان، ۽ منهنجن رستن ۾ اونداهي ڪئي اٿس.
اُنهن مون کي کائڻ لاءِ پت ڏنو؛ ۽ منهنجي اُڃ لاهڻ لاءِ مون کي سرڪو پياريائون.
تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي.
اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.
تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.
منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر.
پر جڏهن اوهين ڏسو تہ يروشلم کي لشڪر گهيري ويا آهن، تڏهن ڄاڻجو تہ سندس ويران ٿيڻ جو وقت ويجهو آهي.